حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ بيماري سبب علاج دوران ڪراچي جي ايس آءِ يوٽي اسپتال ۾ 85 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. ولي رام ولڀ شوگر ۽ دل گڙدن جي بيماري سبب ڪيترن ئي ڏينھن کان علاج هيٺ رھيو ھو، حيدرآباد ۾ سندس طعبيت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ ھڪ ھفتو اڳ داخل ڪيو ويو ھو، جتي سندس علاج جاري ھو ۽ علاج دوران نامياري اديب ولي رام ولڀ جي ساھ جوسڳو ٽٽي پيو، نامياري اديب ولي رام ولڀ جو مڙھه ايمبولينس وسيلي ڪراچي کان حيدرآباد سندس رھائش گاھه تي پھچايو ويو جتان سندس مڙھه کي اگني سنسڪار لاءِ حيدرآباد جي مدد وليج، ھالا ناڪو آندو ويو جتي نامياري اديب ولي رام ولڀ جون آخري رسمون ادا ڪندي سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو، ولي رام ولڀ سوڳوارن ۾ ھڪ پٽ ۽ 2 نياڻيون ڇڏيون آهن. نامياري اديب ليکڪ ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي اديبن، ليکڪن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن، صحافين سياسي، سماجي تنظيمن، ادبين حلقن ۾ ڏک واري لھر ڇائنجي وئي آھي، جن پاران ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آهي. ولي رام ولڀ 16 مارچ 1944ع تي ٿرپارڪر جي شھر مٺي ۾ ڪيول رام لوهاڻو جي گھر ۾ جنم ورتو، هن مئٽرڪ لوڪل بورڊ اسڪول مٺي مان ڪئي. انٽر سچل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم اي (اردوءَ ۾) سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، هن ايم اي (سوشولاجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ڪئي، پيشي جي لحاظ کان هو سنڌالاجيءَ ۾ ملازم ھيو. ان دوران ئي “1947ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي اجازت گھريائين، پر نوڪريءَ تان موڪل نه ملڻ ڪري صرف ايم فل ڪيائين، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ جي اديب، شاعر، ڪھاڻيڪار ولي رام ولڀ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آھي ته سائين ولي رام ولڀ سنڌي ادب جو تمام وڏو نالو هو. ھن جي شاعري، ڪھاڻيون ۽ مختلف ترجما سنڌي ادب ۾ شاندار اضافو آھن. سندس وڇوڙي تي سوڳوار خاندان سان ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. ولي رام ولڀ جو علمي پورهيو کيس زنده رکندو.