چنڊ جي عمر بابت سائنسدانن جو نظريو غلط نڪتو

گلاسڪو (ويب ديسڪ) تازو ئي ٿيل هڪ تحقيقي جائزي بعد سائنسدانن چنڊ جي عمر ۾ 40 ملين سال جو وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اها دريافت ان وقت سامهون آئي جڏهن محققن جي هڪ گروپ چنڊ جي سطح تان گڏ ڪيل ڌوڙ جو ٻيهر جائزو ورتو جيڪو 1972ع ۾ زمين تي آندو ويو هو، جڏهن خلابازن آخري ڀيرو چنڊ جو دورو ڪيو هو.
سائنسدانن چنڊ جي ڌوڙ جي اندر موجود ڪرسٽل جو گھرائي سان جائزو ورتو جيڪو ناسا جي اپولو 17 مشن جي حصي جي طور تي زمين تي آندا ويا هئا.
محققن جو خيال آهي ته زمين سان ڪنهن شهاب جي وڏي پيماني تي ٽڪر جي نتيجي ۾ چنڊ وجود ۾ آيو. اهو عمل شمسي نظام جي جڙڻ جي تقريبن 100 ملين سال بعد ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي سياري جو چنڊ وجود ۾ آيو.
مطالعي جي ڀائيوار ليکڪ ۽ يونيورسٽي آف شڪاگو جي پروفيسر فلپ هيڪ چيو ته ”جيتوڻيڪ اسان کي خبر آهي ته اهي ڪرسٽل ڪيترا پراڻا آهن، اهي قمري تاريخ کي ڄاڻڻ لاءِ علامت جي طور تي ڪم ڪندا آهن“.
شروعاتي طور تي چنڊ جي عمر تقريبن 4.42 ارب سال ٻڌائي ويندي آهي. پر تازي تحقيق جنهن ۾ گلاسڪو يونيورستي به شامل هئي، چنڊ جي عمر کي قتريبن 4.46 ارب سال ٻڌائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.