ورلڊ ڪپ: ڏکڻ آفريڪا خلاف شاداب انجرڊ، اساما مير متبادل طور ٽيم ۾ شامل

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان فيلڊنگ دوران انجرڊ ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
ورلڊ ڪپ جي 26 هين ۽ اهم ترين ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 271 رنسن جو هدف ڏنو آهي.
چنائي جي ايم اي چدمبرم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پهريان کيڏندي پاڪستان جي پوري ٽيم 47 هين اوور م 270 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
سعود شڪيل 52 ۽ بابر اعظم 50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ان کانسواءِ شاداب خان 43 ۽ محمد رضوان 31 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي 271 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم اننگز شروع ڪئي ته پهرين ئي اوور ۾ شاداب خان فيلڊنگ دوران انجرڊ ٿي ويو.
شاداب خان فيلڊنگ دوران ٿرو ڪندي انجرڊ ٿيو ۽ ميدان کان ٻاهر هليو ويو .
آل رائونڊر شاداب خان ڪجهه دير کانپوءِ ٻيهر فليڊنگ تي آيو پر سندس مٿي جي انجري بهتر نه ٿي سگهي.
پاڪستان ٽيم ڪنڪشن قانون تحت ميچ ۾ شاداب خان جو متبادل گهريو ۽ سندس جاءِ تي اساما مير ڏکڻ آفريڪا خلاف بالنگ ڪندو.
ميچ ريفري جي منظوري کانپوءِ اساما مير کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.