ڪافور جون گوريون هر گهر ۾ هجڻ گهرجن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوهان ڪافور جو نالو ته ٻڌو هوندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اوهان جي گهر ۾ ڪافور جون گوريون موجود به هجن.

ڪافور جي مهڪار تيز هوندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي جيئن ڪافور جون گوريون سنگهڻ سان اسان انهن کي کائي به رهيا آهيون.

گهڻا ماڻهو ڪافور جي فائدن کان واقع نه آهن ۽ ان جو استعمال ڪرڻ به نٿا ڄاڻين.

ڪافور جا حيران ڪندڙ فائدا آهن جن بابت ڄاڻينداسين.

جڏهن مردن جي تدفين ڪئي ويندي آهي ته ڪافور مردن سان دفنايو ويندو آهي ته جيئن قبر ۾ مهڪ رهي سگهي ۽ جيت جڻن کان پاڪ رهي. ڇو ته جيستائين به ڪافور جي بوءِ پهچندي آهي اتان جيت جڻا پري رهندا آهن.

ڪافور جو استعمال گرمي داڻن جي پائوڊر جي صورت ۾ به اچي سگهي ٿو. زنڪ بورد ۽ اسٽارچ جي سفوفن ۾ ٿورڙو ڪافور شامل ڪجي ته اهو گرمي داڻن تي هارڻ سان جسم کي سڪون ۽ ٿڌاڻ محسوس ڪرائيندو آهي.

پاڻي ۾ ڪافور ملائي جيڪڏهن اوهان ان ۾ پير ڀڄائيندا ته کڙيون ڦاٽڻ کان محفوظ رهنديون.

ڪافور جسم تي لڳل زخمن لاءِ فائديمند آهي ڇو ته هي زخمن جي صفائي ڪري انهن کي جلد ٺيڪ ڪندو آهي.

ڪافور دماغ جي گرمي ختم ڪري طاقت پهچائيندو آهي ۽ ان کانسواءِ ذهن کي سڪون ڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.