جي ڪنهن پرڏيهين کي پناهه ڏني ته…! حڪومت وارننگ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عامر مير گهر مسواڙ تي ڏيندڙن کي وارننگ ڏئي ڇڏي.
لاهور پريس ڪانفرنس ڪندي عامر مير چيو ته 31 آڪٽوبر کانپوءِ ڪنهن به پرڏيهي کي پناهه ڏيڻ يا گهر مسواڙ تي ڏيندڙ خلاف ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو ته پنجاب ڪابينا ڊيپورٽيشن پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي گرفتار ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي پورٽ ڪيو ويندو، سڀني غير قانوني پرڏيهين کي پهرين نومبر کان اڳ پاڪستان ڇڏڻو پوندو.
سندس چوڻ هو فيصلو ڪري رهيا آهيون ته انهن کي ڪهڙي بارڊر کان روانو ڪرڻو آهي، سڀني پرڏيهين خلاف بنا فرق جي آپريشن جاري آهي، 31 آڪٽوبر تائين رضاڪاراڻي طور واپس نه ويندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.