سسئي پليجو پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽو ضلعي جي ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ کي ختم ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اڳوڻِي سينيٽر سسئي پليجو چئلينج ڪري ڇڏيو.

اڳوڻِي سينيٽر سسئي پليجو پاران پنهنجي وڪيل نامياري قانوندان شھاب اوستو معرفت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ۾ اپيل واري پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي.

سسئي پليجو جو چوڻ آهي ته ميرپور ساڪرو جو صوبائي تڪ وڏي ايراضي ۽ وڏي آبادي رکندڙ پراڻو تڪ آھي جنهن جي ختم ٿيڻ سان عوام کي نقصان رسندو قانوني طور تي ساڪرو تڪ کي ختم ڪرڻ جو ڪوبه جواز نٿو رهي.

اپيل واري پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ کي فوري طور بحال ڪيو وڃي

سسئي پليجو چيو ته تڪ جي عوام کي پنهنجي ئي تڪ ۾ عوامي نمائندو چونڊڻ کان محروم نه ڪيو وڃي. آئون ۽ منهنجو والد هن ساڪري تڪ تان عام چونڊن ذريعي اسيمبلي ميمبر بڻجندا رهيا آهيون آئون هتان جي اسٽيڪ هولڊر آهيان تڪ جي بحالي انتهائي ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.