فون تي دوستي کانپوءِ ڇوڪرين جي گهران ڀڄڻ جا واقعا وڌي ويا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي ٻارڙي جي مبينا اغوا ۽ زيادتي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته اهڙن ڪيسن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي، ڇوڪريون فون، انٽرنيٽ تي دوستي ڪن ٿيون ۽ گهران هليون وڃن ٿيون، ڇوڪريون پوءِ غيرت جي نالي تي قتل جي خوف کان گهر واپس نه ٿيون اچن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ننڍي عمر جي ٻارڙي جي مبينا اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادي موجب 2 اپريل 2022 ۾ ڌيءَ رڪشي تي اسڪول وئي هئي، ڊرائيور ڌيءَ کي واپس وٺڻ ويو ته چوڪيدار ٻڌايو هوءَ اسڪول ئي ناهي آئي.
عدالت چيو پوليس والدين کي ٻڌايو ته ٻارڙي پسند پرڻو ڪيو آهي، ٽرائل ڪورٽ ٻارڙي کي ننڍي عمر سبب دار الامان موڪلي ڇڏيو هو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻارڙي والدين وٽ هلي وئي، اوسيفيڪشن ٽيسٽ ۾ ٻارڙي جي عمر 17 کان 18 سال ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته اسڪول جي رڪارڊ موجب 15 سالن جي آهي.
جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏنا ته اهڙن ڪيسن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي، ڇوڪريون فون، انٽرنيٽ تي دوستي ڪنديون آهن ۽ گهران هليون وينديون آهن، پوءِ غيرت جي نالي تي خوف کان گهر واپس ناهن اينديون.
عدالت جوابدار طاهر جتوئي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.