چيف سليڪٽر انضمام الحق پليئرز ايجنٽ ڪمپني جو شيئر هولڊر نڪتو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف سليڪٽر انضمام الحق پليئرز ايجنٽ ڪمپني جو شيئر هولڊر نڪتو، محمد رضوان به مالڪن ۾ شامل آهي،مفادن جي ٽڪراءَ جو وڏو معاملو سامهون اچي ويو .

انضمام الحق ئي رانديگرن سان ڳالهيون ڪري کين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آءِ سي سي جي آمدني مان به حصو ڏياريو جڏهن ته پگهارن ۾ به 202 سيڪڙو تائين اضافو ڪريو.

انضمام الحق، محمد رضوان ۽ رانديگرن جا ايجنٽ هڪ ئي ڪمپني ” يازو انٽرنيشنل لميٽڊ “ جي مالڪن ۾ به شامل آهن.

نجي ٽي وي چئنل سامهون آيل دستاويز جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڪمپني جو برطانوي رجسٽريشن نمبر 1306 کان شروع ٿئي ٿو، ان ۾ ٽنهي مالڪن جو هڪ ئي پتو، ڪول چيسٽر، انگلينڊ لکيل آهي، ڪمپني ٽنهي جا 25 سيڪڙو کان وڌيڪ شيئرز آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.