ورلڊ ڪپ: محمد رضوان وڏو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان وڏو ڪارنامو انجام ڏنو.

وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان چنائي ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميچ دوران ون ڊي ۾ ٻه هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، هن اِهو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ 65 اننگز کيڏيون.

اڄوڪي ميچ ۾ محمد رضوان 31 رنسون ٺاهيو ۽ ڏکڻ آفريڪي بالر ڪوٽيزي جو شڪار بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.