سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ تي هڪ سيڪنڊ ۾ ڪيترا سائبر حملا ٿيندا آهن؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اڄوڪي دور ۾ ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ انٽرنيٽ جو عمل دخل تمام گهڻو ٿي چڪو آهي پر انٽرنيٽ کي سائبر حملن جو خطرو رهندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ سائبر سيڪيورٽي ڪمپني طرفان نوان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ تي هڪ سيڪنڊ ۾ 530 کان وڌيڪ سائبر حملا ٿيندا آهن.
رپورٽ موجب سائبر سيڪيورٽي ماهر روز 4 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ امڪاني سائبر حملن جي نشاندهي ڪن ٿا.
ٽيلي ڪام جائنٽس بي ٽي جو چوڻ هو ته هيڪر سائبر دفاع جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ آٽوميشن ۽ مشين لرننگ جو استعمال ڪندي انٽرنيٽ سان جڙيل ڊوائسز جي ڳولا ۾ رهندا آهن.
بي ٽي جي جاري ڪيل ڊيٽا موجب گذريل 12 مهينن ۾ آءِ ٽي، دفاع، بئنڪنگ ۽ انشورنس سيڪٽر تي سڀ کان وڌيڪ سائبر حملا ڪيا ويا، جڏهن ته خيراتي ادارن تي تقريبن 7 لک 85 هزار سائبر حملا ٿيا.
ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته سائبر حملن جي ان رجحان ۾ واڌ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.