استحڪام پاڪستان پارٽي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي 28 آڪٽوبر کان 9 ڊسمبر تائين جلسن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو، آءِ پي پي سڀاڻي خانيوال جي جهانيان اسٽيڊيم ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي.
استحڪام پاڪستان پارٽي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي جو 28 آڪٽوبر کان 9 ڊسمبر تائين جلسن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
آءِ پي پي سڀاڻي خانيوال جي جهانيان اسٽيڊيم ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي، جهانگير ترين، عليم خان، فردوس عاشق اعواڻ، عون چوڌري ۽ ٻيا جلسي سان خطاب ڪندا.
پهرئين مرحلي ۾ 9 ضلعن ۾ جلسا ٿيندا، 3 نومبر تي حافظ آباد، 9 نومبر تي نارووال، 12 نومبر تي ليه، 17 نومبر تي قصور، 20 نومبر تي گوجرانوالا، 24 نومبر تي جهنگ ۾ سياسي ميدان لڳندو، جڏهن ته 2 ڊسمبر تي ساهيوال، 9 ڊسمبر تي فيصل آباد ۾ جلسا ٿيندا.
ٻئي مرحلي ۾ ملتان، راولپنڊي، شيخوپورا، سيالڪوٽ ۽ بهاولپور ۾ جلسا ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.