تبديلي جو پڙاڏو، ذڪاءَ اشرف جي سرفراز احمد ۽ شاهنواز ڏاهاڻيءَ سان ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سان سرفراز احمد ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جي ملاقات ٿي آهي.

ذڪاءَ اشرف جي سرفراز احمد ۽ شاهنواز ڏاهاڻي سان ملاقات پي سي بي هيڊڪوارٽر ۾ ٿي، ذڪاءَ اشرف ڪراچي وائٽس کي قائدِ اعظم ٽرافي کٽڻ تي مبارڪباد ڏني.

پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين سرفراز احمد جي قائداڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

ان موقعي تي ذڪاءَ اشرف رانديگرن جي فلاح، بهتري ۽ ريجنل ڪرڪيٽ جي سپورٽ جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن قائدِ اعظم ٽرافي جي فائنل ۾ ڪراچي وائٽس فيصل آباد ريجن کي 456 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.