آمريڪي ماڊل بيلا حديد موتمار ڌمڪين باوجود فلسطين جي حمايت ۾ ڄمي بيٺل

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماڊل بيلا حديد اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ معاملي تي ڳالهائيندي چيو آهي منهنجي خوشي لاءِ مون کي معارف ڪري ڇڏيو.
بيلا حديد، جنهن کي فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي ڀيڻ جيجي حديد ۽ گھرڀاتين سوڌو اسرائيل طرفان قتل جو ڌمڪيون مليون، ان ڌمڪين باوجود هن هڪ ڀيرو وري کُليل لفظن ۾ فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي.
هن چيو آهي ته غزا ۾ هوائي حملن بعد حالتون ڏسي منهنجي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي، آئون شديد صدمي ۾ آهيان، آئون انهن سڀني مائرن لاءِ ڏکويل آهيان جن پنهنجا معصوم ٻار وڃائي ڇڏيا ۽ انهن ٻارن لاءِ به ڏکاري آهيان جيڪي يتيم ٿي ويا جن جو سڄو خاندان ختم ٿي ويو.
بيلا حديد چيو ته آئون انهن اسرائيلي خاندانن لاءِ به ڏکويل آهيان جن ان جنگ ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائي ڇڏيو، آئون ڪنهن به شهري تي ڪٿي به دهشتگرداڻن حملن جي مذمت ڪريا ٿي.
آمريڪي ماڊل اهو به چيو ته ڪنهن به ٻار کي ڪنهن به هنڌ جي ماڻهن کي انهن جي خاندان کان عارضي يا اڻڄاتل مدي لاءِ نه کسڻ گھرجي. اهو اسرائيل ۽ فلسطيني عوام لاءِ هڪ جهڙو آهي.
هن چيو ته دنيا کي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته فلسطيني هجڻ ڪيئن اهي، اهڙي زمين جيڪا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي، جتي قتل عام ٿي رهيو آهي پر دنيا فلسطين کي ئي دهشتگرد قرار ڏيندي آهي جيڪو انتهائي غلط ۽ افسوس جوڳو آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجو فون نمبر ليڪ ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ مون کي روز قتل جو ڌمڪيون ملنديون آهن، فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي مون ۽ منهنجي خاندان کي خطرو آهي.
ماڊل جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي عالمي اڳواڻن تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي ته غزا جي مدد ڪئي وڃي ۽ معصوم فلسطيني شهرين کي حياتين جي حفاظت ڪئي وڃي، آئون انسانيت سان گڏ بيٺل آهيان، امن ۽ تحفظ اسان سڀني جو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.