مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ مسلسل ٻئي هفتي سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊالر جي قدر ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ ذخيري اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ مسلسل ٻئي هفتي به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح ۾ 0.33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ سالياني بنيادن تي ان جي شرح 29.65 سيڪڙو ٿي وئي.
انگن اکرن موجب هن هفتي ڪڪڙ جو گوشت 35 رپيا 37 پئسا، بصر 4.52 رپيا، چانور 6 رپيا 44 پئسا، ڪيلا 4 رپيا 22 پئسا، مهري دال 7 رپيا 51 پئسا، چڻن جي دال 3 رپيا 57 پئسا ۽ کنڊ 3 رپيا 23 پئسا سستي ٿي، جڏهن ته تازي هفتي ۾ ايل پي جي سئلينڊر، گيهه ۽ تيل به سستو ٿيو.
ان کانسواءِ ٽماٽو 22 رپيا 57 پئسا، پٽاٽو 3 رپيا 25 پئسا، بيضا 5.24 رپيا في درجن، ٿوم 3 رپيا 94 پئسا، ٻاڪرو گوشت 4.77 پئسا في ڪلو ۽ ڳائو گوشت 1.3 رپيا في ڪلو مهانگو ٿيو.
هلندڙ هفتي 20 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.