پاڪستان تي 130 ارب ڊالرن جو ٻاهريون قرض ڪو مسئلو ناهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان تي 130 ارب ڊالرن جي ٻاهرئين قرض جو ڪو مسئلو ناهي، بس مينيج ڪرڻو پوندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اسان کان وڌيڪ ڊالر خرچ ڪيا، ثابت ڪري سگهان ٿو.
هن چيو ته جي ڊي پي شرح سان پاڪستان جو ٻاهريون قرض 62 سيڪڙو آهي، آمريڪا، برطانيا، جاپان تي ٻاهريون قرض پاڪستان کان گهڻو وڌيڪ آهي، اسان جي ملڪ جو حقيقي مسئلو ٽيڪس وصولي آهي، اهو ٿي ويو ته سڀ معاملا حل ٿي ويندا.
سندس چوڻ هو ته 16 مهينن جي حڪومت ۾ اسان رڳو پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، ريٽيلرز تي اڳ ئي ٽيڪس لاڳو آهي، وڌيڪ لڳائڻ جي ضرورت نه هئي، آئين ۾ ترميم بنا ايگريڪلچر ٽيڪس لاڳو نٿو ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.