وارهه خيرپور ۽ خانپور ۾ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون.
وارھ ۾ گورنمنٽ ھايرسيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهائيندي ريلي ڪڍي وئي.
اسڪول جي پرنسپال عبدالهادي چولياڻي، نور احمد ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ڪڍي ڪشميرين جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي پرنسپال عبدالهادي چولياڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي طور اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رھيا آھيون ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري سندن آواز نٿو دٻائي سگھي.
خيرپور ۾ به اڄ ڪشميريم سام يڪجهتي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهائيندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد فواد شاهه جي سربراهي ۾ سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب خيرپور تائين ڪڍي وئي.
ريلي ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن سميت استادن شاگردن ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر احمد فواد شاهه چيو ته اڄوڪو ڏينهن ڪشميرين تي ڀارتي رياستي دهشتگردي خلاف ملهايو پيو وڃي ۽ اسان ان عزم جو ورجاء ڪريون ٿا ته پاڪستان جو هر هڪ فرد پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ رهندو ۽ کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو.
هنن گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ڪشميرين کي خود اراديت جو حق ڏنو وڃي.
خانپور ۾ اردو پرائمري اسڪول ۽ سنڌ پرائمري اسڪو جي استادن ۽ شاگردن پاران ڪشميرين ۾ ٿيندڙ ڀارتي ڏاڍ، ظلم ۽ بربريت خلاف ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي اڳوانن جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين سان ورهين ظلم ڪندو پيو اچي اسان ڏکئي وقت ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون.
هنن گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ڪشمير کي ڀارت جي قبضي مان آزاد ڪرايو وڃي.