ڪراچي ۾ ڏوهن جون 800 وارداتون ڪندڙ جوابدار گرفتار، 10 ڄڻن جي قتل جو اعتراف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 800 کان وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ ملوث ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار زوهان جاچ دوران ماڻهو مارڻ جو به اعتراف ڪيو.
رينجرز ۽ پوليس عزيز آباد ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي فيضان عرف ڀوري گروپ سان واسطو رکندڙ جوابدار زوهان کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب جوابدار وٽان هٿيار، ٻه موٽر سائيڪلون ۽ موبائل فونز برآمد ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جاچ دوران 10 ماڻهن جي قتل جو به اعتراف ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.