ڀارتي ٽيم فارم ۾ آهي، سمجهڻ وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي آ: ڌوني

رانچي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي تاريخ جي ڪامياب ترين ڪپتان ايم ايس ڌوني قومي ٽيم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ” سمجهڻ واري لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي“ .

ڀارت ۾ ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ميلو آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جاري آهي، هينئر تائين کيڏيل مقابلن ۾ ميزبان ڀارت جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي آهي جيڪا ناقابلِ شڪست رهندي پنج ميچون کٽي چڪي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سرفهرست آهي.

ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي چانسز جي حوالي سان جڏهن اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني کان سوال ڪيو ويو ته هن روهت شرما جي قيادت ۾ موجودا اسڪواڊ کي بهترين ۽ متوازن قرار ڏيندي چيو ته ٽيم ۾ اڳتي ۽ مٿي وڃڻ جي پوري صلاحيت آهي.

هڪ پروگرام دوران ڀارتي ٽيم جي ٽيون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ واري امڪان بابت سوال جي جواب ۾ ڌوني واضح جواب ته نه ڏنو پر اِهو چيو ته ٽيم جا سمورا رانديگر سٺو کيڏي رهيا آهن مان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس سمجهڻ وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.