پاڪستان ٽيم هن فارمولي تحت سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿي

ورلڊ ڪپ جو سيمي ڪهڙيون چار ٽيمون کيڏنديون؟ صورتحال اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهي.

جيڪڏهن پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊوڙائي وڃي ته ڀارت پهرين، ڏکڻ آفريڪا ٻئي، نيوزيلينڊ ٽئين ۽ آسٽريليا چوٿين نمبر تي آهي پر ان باوجود هنيئر تائين سيمي فائنل لاءِ چار ٽيمون فائنل ناهي ٿي سگهيون.

پوائنٽس ٽيبل تي ڇهين نمبر تي موجود پاڪستان جا ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ سولو فارمولو اِهو آهي ته پاڪستان پنهنجي چار ئي ميچون کٽي.

جيڪڏهن پاڪستان ٽي ميچون کٽيون ته گرين شرٽس کي پنهنجو رن ريٽ به بهتر ڪرڻو پوندو، پاڪستان ٻه ميچون کٽي به سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو ته پر اِهو معجزو هوندو.

ورلڊ ڪپ ۾ پنج ميچون کٽيندڙ ڀارت به اڃا تائين سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ناهي ڪري سگهيو ۽ نه پنجن مان چار ميچون هارائڻ باوجود انگلينڊ سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيو آهي.

پوائنٽ ٽيبل تي دلچسپ صورتحال برقرار آهي، ميگا ايونٽ ۾ جيڪڏهن ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته چوٿين ٽيم لاءِ پاڪستان، آسٽريليا، سريلنڪا ۽ انگلينڊ ۾ مقابلو ٿيندو.

پوائنٽس ٽينل تي ڀارت ڏهن پوائنٽن سان ٽاپ تي موجود آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا 8 پوائنٽن سان ٻئي ۽ نيوزيلينڊ ٽئين نمبر تي آهي، آسٽريليا جون ڇهه پوائنٽون آهن ۽ اِها چوٿين نمبر تي موجود آهي.

پوائنٽس ٽيبل تي سريلنڪا ۽ پاڪستان جون چار، چار پوائنٽون آهن، پر بهتر رن ريٽ جي بنياد تي آءِ لينڊرز جي پنجين ۽ پاڪستان جي ڇهين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.