” هاڻي اسان کي معجزن جي ضرورت آهي“

بئنگلورو(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا هٿان شڪست کانپوءِ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان جوز بٽلر به معجزن جو منتظر آهي.

ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي جوز بٽلر چيو ته جڏهن اوهان جهاز تي سوار ٿيندا آهيو ته گهڻو پراعتماد هوندا آهيو، اوهان کي يقين هوندو آهي ته اوهان ٽائٽل جو دفاع لاءِ سڀني کي چئلينج ڪندئو.

هن چيوته ٽن هفتن دوران جيڪو اِهو سڀني لاءِ حيران ڪندڙ آهي، ٽن هفتن دوران جيڪو ٿيو اسان لاءِ هڪ لو پوائنٽ آهي.

جوز بٽلر چيو ته هنيئر تائين عالمي ڪپ جي ڪارڪردگي معمولي ۽ مايوس ڪندڙ رهي آهي ۽ هاڻي اسان کي تمام گهڻن معجزن جي ضرورت آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ انگلش ڪپتان چيو ته سندس ڪپتاني بابت فيصلو هن کان مٿي ويٺل ماڻهن جي هٿ ۾ آهي ڪپتان طور پاڻ تي اعتماد هو پر پنهنجي ڪارڪردگي جي لحاظ کان اِهو نه ڪري سگهيس جيڪو ڪرڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.