پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ 5 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
مهانگائي جي ستايل عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن جي مد ۾ رليف ملڻ جو امڪان آهي ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين نومبر کان پيٽرول سستو ٿيندو.
ذريعن موجب پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول 20 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 15 رپيا في ليٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته نگران حڪومت 16 آڪٽوبر تي پيٽرول 40 رپيا، جڏهن ته ڊيزل 15 رپيا في ليٽر سستو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.