هندوستاني فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي اهلڪار زخمي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج ايل او سي جي ظفر وال سيڪٽر ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن سبب شهري آبادي کي نقصان پهتو، جوابي فائرنگ ۾ ڀارتي بارڊر فورس سيڪيورٽي جا ڪجهه اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج، ظفروال سيڪٽر سيالڪوٽ ۾ ڀارتي فورسز جي ڪواڊڪوپٽر ڊرون جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارتي فورسز ڪواڊ ڪوپٽر جي اڳرائي جي ناڪامي کي ڪور ڪرڻ لاءِ پاڪستاني چوڪين تي بنا جواز فائرنگ به ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي فورسز ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي سرعام ڀڃڪڙي ۽ بنا جواز فائرنگ ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.