اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين جي ضمانت ۽ ڪيس خارج ڪرڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواستن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي ضمانت رد ڪرڻ سان گڏ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيس خارج ڪرڻ بابت درخواست به رد ڪئي.
سائفر ڪيس بابت آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت پهريان ئي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي هئي جنهن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
واضح رهي ته اسلام آباد هائيڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد 16 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
يا رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست هدايتن سان اڪلائيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حڪم ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين هن وقت سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي.
You might also like