فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن جي تعين لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي قائم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن جي تعين لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

اٽارني جنرل فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ عملدرآمد رپورٽ سپريم ڪورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن جي تعين لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

اٽارني جنرل رپورٽ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي ڇهه فيبروري 2019ع واري فيصلي تي عملدرآمد لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، بچاءَ وارو ايڊيشنل سيڪريٽري ڊائريڪٽر آءِ ايس آءِ شامل آهن.

فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جا ٽي او آرز به عملدرآمد رپورٽ جو حصو بڻايا ويا آهن، ڪميٽي طئي ٿيل ٽي او آرز تحت انڪواري ڪندي، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي فيض آباد ڌرڻي بابت ثبوت گڏ ڪندي ۽ حاصل ڪيل ثبوتن، دستاويزن ۽ رڪارڊن جو جائزو وٺندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪندي ان کانسواءِ ڪميٽي فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن ۽ هينڊلرز سميت ڌرڻي جا حڪم ڏنيدڙ ۽ بندوبست ڪندڙن جو به تعين ڪندي.

رپورٽ موجب، ڪميٽي جون پهريون اجلاس طئي ٿيل ٽي او آرز تي 26 آڪٽوبر تي ٿيو، ڪميٽي جاچ کانپوءِ تجويزن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائيندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي پهرين ڊسمبر تائين رپورٽ بچاءَ واري وزارت کي ڪرائيندي، جيڪڏهن ڪميٽي کي وڌيڪ وقت گهربل هوندو ته بچاءَ واري وزارت سان رابطو ڪيو ويندو.

اٽارني جنرل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالت کان فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي هئي، عدالت کي استدعا آهي ته حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.