دهشتگردي جي واقعن ۾ عورتن جي نالي نڪتل سمون استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

 پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا پي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ عورتن جي نالي تي نڪتل موبائيل سمز استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ اڪثر موبائيل سمون پنجاب ۽ سنڌ جي عورتن جي نالي تي هونديون آهن.

ڊي آءِ جي موجب، ٻهراڙي جي عورتن کان بينظير انڪم سپورٽ ۽ ٻين پروگرامز تحت آڱوٺا لڳرايا ويندا آهن، آڱوٺي جو نشان لڳائي ان ذريعي موبائيل سمون ڪڍرايون وينديون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڀتا خوريءَ ۽ دهشتگردي جي گهڻي قدر واقعن ۾ افغان شهري ملوث آهن، غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي سان دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.