عورت مارچ کي قابض افغانين سميت ڪنهن به غير ملڪي جو تحفظ نه ڪرڻ گهرجي: سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ) نام نهاد سول سوسائٽي طرفان عورت مارچ جي نالي ۾ سنڌ ۾ غير قانوني افغانين جي حمايت ۾ نڪرندڙ ريلي جي مذمت ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمرہ سمون، مرڪزي اڳواڻ سڀاني  ڏاهري، ساجده ڀاڻو، شاهين خاخيلي ۽ سورٺ مڱڻهار چيو آهي ته غيرقانوني طور سنڌ ۾ ايندڙ افغاني هٿيارن ۽ منشيات جا تمام وڏا اسمگلر آهن. سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ ڌاڙيلن کي ملندڙ جديد هٿيار انهن غيرقانوني طور آيل غيرملڪين ذريعي پهچايا وڃن ٿا. آمريڪا خطي جو امن امان تباه ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرن جا هٿيار افغانستان ۾ ڇڏي ويو آهي. آمريڪي سامراجي قوتون پاڪستان خصوصن سنڌ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿيون.

هنن چيو ته غيرقانوني غيرملڪين کي ملندڙ ڇوٽ سبب سنڌ جو امن امان تباهه ٿي ويو آهي، منشيات عام جام ٿي وئي آهي. غيرقانوني غيرملڪين خلاف ڪريڪ ڊائون جو سمورن ملڪن کي اخلاقي اختيار آهي. غيرقانوني سرگرمين کي هٿي ڏئي سنڌ ۽ ملڪ جي قومي ۽ عوامي مفادن کي نقصان پهچائڻ جو ڪنهن به ڌر کي ڪو به جق ناهي. عورت مارچ عورتن جي حقن لاءِ هجڻ گهرجي نه ڪي غير قانوني غير ملڪين جي تحفظ لاءِ. عورت مارچ کي قابض افغانين سميت ڪنهن به غير ملڪي جو تحفظ نه ڪرڻ گهرجي. غير ملڪي ملڪ جي معيشيت ۽ امن امان لاءِ وڏو مسئلو آهن.

اڳواڻنن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ عورتن جي نمائندہ تنظيم آهي. عورتن جي حقن لاءِ سنڌياڻي تحريڪ هميشه اڳڀري رهي آهي. پر عورت مارچ جو نالو استعمال ڪري غير قانوني غير ملڪين جي نيڪالي ۾ رڪاوٽون وجھڻ مذمت جوڳو عمل آهي. عورتن جي حقن لاءِ مارچ ۾ غير قانوني افغانين جي حمايت افسوسناڪ آهي. ملڪ ۾ بم ڌماڪن ۽ دهشتگردي جي وڏين ڪارواين ۾ افغانين جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن.  غير قانوني افغانين جي حمايت ترقي پسندي نه پر وطن دشمني ۽ قوم دشمني آهي. انساني حقن جي نالي ۾ لکين غير قانوني غير ملڪين کي سنڌ ۾ رهائڻ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري آمريڪا نئون اسرائيل ٺاهڻ چاهي پيو. آمريڪي مفادن خاطر سنڌ کي غيرقانوني سرگرمين جو ڳڙهه بڻائڻ جي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.