ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ 1954ع کانپوءِ آيل سمورن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ ۾ موجود افغانين، برمين، بھارين، بنگالين سميت سمورن غير قانوني ڌارين پنهنجي ڏيھه موڪليو وڃي، اهو سنڌ جو گڏيل مطالبو آهي، نگران حڪومت افغانين کي واپس موڪلڻ لاءِ سنجيده ناهي، رڳو، اشتهار، بيان ۽ اعلان ڏيڻ ۾ پوري آهي.
جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ڄاڻايو آهي ته صنعان قريشي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان وڏيون ناانصافيون ڪيون وڃن پيون.
هن وڌيڪ چيو ته شاگردن کي شاگرد جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ تعليمي ادارن مان بيدخل ڪيو وڃي ٿو، شاگردن کان ڳريون فيسون ورتيون وڃن ٿيون.