ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون پنجاهه رُپيا لاٿ کانپوءِ ٻه لک يارنهن هزار ٽي سئو رُپين جي ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون 42 رُپيا سستو ٿيڻ بعد هڪ لک 81 هزار 156 رُپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ويهه ڊالرز مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1987 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.