هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ ڪڏهن ٿيندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ 28 آڪٽوبر تي پاڪستان ۾ نظر ايندو.

ماهرن موجب چنڊ گرهڻ پاڪستان جي معياري وقت موجب رات جو 11 لڳي 02 منٽن تي شروع ٿيندو.

29 آڪٽوبر تي رات جو 12 لڳي 35 منٽن تي جزوي چنڊ گرهڻ ٿيندو ۽ رات جو 1 لڳي 14 منٽن تي اهو چنڊ گرهڻ پنهنجي عروج تي پهچندو. 29 آڪٽوبر تي رات جو 1 لڳي 53 منٽن تي چنڊ گرهڻ جزوي طور تي ختم ٿيندو.

چنڊ گرهڻ جي مڪمل پڄاڻي پاڪستان جي معياري وقت موجب 29 آڪٽوبر تي رات جو 3 لڳي 26 منٽن تي ٿيندو. چنڊ گرهڻ ايشيا، يورپ، آمريڪا ۽ آفريقا جي مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگھبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.