ملڪي سياست ۾ هلچل، پي ٽي آءِ وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪي سياسي صورتحال ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) اڳواڻن جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ ) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن وفد جي صورت ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، علي محمد خان، بئرسٽر سيف ۽ جنيد اڪبر شامل هئا.
پي ٽي آءِ اڳواڻن مولانا فضل الرحمان سان سندس اسلام آباد واري رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، وفد جي يو آءِ سربراهه جي سس جي لاڏاڻي تي سانس عذرخواهي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان جي پويان نماز پڻ ادا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.