ڪراچي ۾ ڊانس پارٽي تي ڇاپو، اعتراض جوڳيون وڊيوز وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ اسڪول اندر اهڙي ڊانس پارٽي ڪئي وئي جيڪا اعتراض جوڳي هئي ۽ نوجوان ۽ ناريون نشي واري حالت ۾ جهومندي ڏٺا ويا.

نوجوانن ۽ نارين نشي جي حالت ۾ ڊانس ڪئي ۽ اعتراض جوڳي لباس ۾ اعتراض جوڳيون حرڪتون ڪندي به ڏٺا ويا.

اهڙيون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي سامهون آيون آهن جڏهن ته پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي ڇاپو هنيو.

گذريل رات پوليس ڊفينس جي فيز فور واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو جنهن بعد مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ڪيس ۾ جوابدار ايان علي کي آرگنائزر ۽ خالد خان کي بنگلي جو مالڪ ڄاڻايو ويو آهي.

ذريعن وٽان ٻڌايو پيو وڃي ته اها پارٽي اسڪول ۾ ٿي هئي جڏهن ته ڇاپي دوران نوجوانن ۽ نارين کان لکين رپيا وٺي کين ڇڏيو ويو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مشهور پرڏيهي اسڪول جي نالي تي ڊي سي سائوٿ کان اجازت به ورتي وئي هئي.

پوليس رڳو ميوزڪ وارن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻين کي مبينا رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.