ماهرن ٿولهه جو سبب بڻجندڙ اهم جُز دريافت ڪري ورتو

ڪولوراڊو (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اسان جي خوراڪ ۾ موجود هڪ اهڙو اهم جُز دريافت ڪيو آهي جيڪو ٿولهه جي شرح ۾ واڌ جو سبب ٿي سگھي ٿو.

اوبيسٽي، بائيولوجي اينڊ انٽيگريٽڊ فزيولوجي ۾ پڇيل تازي جائزي ۾ محققن فرڪٽوز ۽ وزن وڌڻ جي ٻين نظرين وچ ۾ واسطو سڃاتو آهي.

اهڙا مختلف نظريه آهن جن تحت وزن ۾ اضافي جو سبب بڻجندڙ سڻڀ، ڪاربوهائڊريٽس، پروٽين يا شگر کي سمجهيو ويندو آهي پر نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فرڪٽوز پيٽ تي چرٻي گڏ ٿيڻ جو وڏو سبب ٿي سگھي ٿو.

محققن ڏٺو ته فرڪٽوز جسم ۾ توانائي جي مرڪز ذريعي ايڊنوسائن ٽرائفوسفيٽ ( اي ٽي پي) جو مقدار گھٽايو ويو آهي جنهن سان جسم کي وڌيڪ کاڌي جي طلب ٿيندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ زون ۾ اضافو ٿيندوآهي.

يونيورسٽي آف ڪولوراڊو سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر رچرڊ جونسن چيو آهي ته اهي سڀ نظريا پزل جا ٽڪر آهن جن کي آخري ٽڪري فرڪٽوز مڪمل ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته فرڪٽوز اهو عنصر آهي جيڪو اسان جي تحويلي نظام کي سست ڪرڻ سان گڏ بک تي ڪنٽرول کي گھٽائيندو آهي پر سڀڻ واريون غذائون حرارن جو اهو وڏو ذريعو هونديون آهن جيڪي وزن ۾ اضافو ڪنديون آهن.

فرڪٽوز هڪ قدرتي کنڊ آهي جيڪا عام طور تي صوف ۽ ڪيلي جهڙن ميون ۾ گھٽ مقدار ۾ موجود هوندي آهي. ميون جي کائڻ جو ان مسئلي سان واسطو ناهي پر فرڪٽوز مختلف غذائن کي مٺو بنائڻ لاءِ واڌو کنڊ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.

اهو جز گھر ۾ استعمال ٿيندڙ کنڊ کانسواءِ ڪارن سيرپ ۽ اگيوسيرپ (جيڪو شربت طور استعمال ڪيا ويندا آهن) چاڪليٽ، شربتن، فاسٽ فوڊ، چٽڻي، کٽاڻ وغيرا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ماضي ۾ ڪيل مطالبعن ۾ ٻڌايو ويو هو ته فرڪٽوز جي کپت هاضمي جي نظام ۾ موجود خلين (سيلز-جيوگھرڙن) ۾ تبديلي ظاهر ڪري سگھجي ٿي جنهن سبب ماڻهو جيڪو به کائيندا آهن ان سان کين وڌيڪ حرارت جذب ڪري وٺندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.