سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست هدايتن سان گڏ اڪلائيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت تي آزادي جي درخواست تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو، عدالت ضمانت جي درخواست تي دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت ۾ سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪڻ ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سلمان صفدر ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته 17 آڪٽوبر تي چالان جي ڪاپي ڏني وئي ۽ ستن ڏينهن جو وقت ڏيڻ کانسواءِ 23 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته الزام هو ته سائفر جا لفظ تبديل ڪيا ويا آهن، هاڻي نه تبديل ٿيل ۽ نه ئي اصل سائفر جو متن اسان کي فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن سائفر چالان جو حصو ئي نه آهي ۽ اسان کي پتو ئي ناهي ته ڪهڙي بنياد تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ته ٽرائل ڪيئن ٿيندو؟ .

عمران خان جي وڪيل درخواست ڪئي ته ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي وڃي ته پهريان اسان کي دستاويز فراهم ڪيا وڃن.

وڪيل چيو ته هن ڪيس ۾ ڳجهي گرفتاري ۽ ڳجهو رمانڊ ٿيو، اسان عدالت وٽ نه آياسين پر جهڙي طرح فرد جرم لاڳو ڪيو ويو اِهو قابل قبول ناهي، جلدي ۾ جج صاحب چارج فريم ڪري ڇڏي، ٽرائل ڪورٽ چيو ته جهڙي به درخواست آڻيندئو رد ڪئي ويندي.

وڪيل سلمان صفدر سائفر ڪيس ۾ ٽرائل روڪڻ جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته سڀاڻي ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.