العزيزيه، ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جون اپيلون بحال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪري ڇڏيون.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ ۽ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بئنچ تمام درخواستون کي گڏائي ٻڌڻي ڪئي.

نواز شريف طرفان امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ اعظم نذير تارڙ پيش ٿيا، نواز شريف به عدالت ۾ موجود هيو جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب پراسيڪيوشن ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل نيب چيو ته العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ تي نيب کي اعتراض ناهي، تاثر ڏنو ويو ته ڄڻ نيب سريندڙ ڪري ڇڏيو آهي پر اهڙي صورتحال نه آهي، اشتهاري عدالت جي سامهون سريندر ڪري ڇڏيو آهي ته سندس اپيل بحال ٿيڻ گهرجي.

پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته هو ۽ نيب چيئرمين ان ڳالهه تي متفق آهن ته پهرين مرحلي ۾ اپيلون بحال ڪرڻ تي اعتراض نه ڪندا، اپيلون بحال ٿي ويون ته ثبوتن جو جائزو وٺي عدالت ۾ موقف اختيار ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.