اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ليڪ ڪيس ۾ وڪيل سلمان صفدر ۽ خالد يوسف ذريعي هڪ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ فرد گرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ ڪيس جي فريادي يوسف نسيم کوکر ۽ رياست کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قانون موجب ڪيس جي ڪاپي ورهائڻ جي 7 ڏينهن کان پوءِ چارج فريم ڪري سگهجي ٿو پر ٽرائل ڪورٽ ستن ڏينهن جي قانوني گهرجن کي به نظر ۾ نه رکيو، ٽرائل ڪورٽ تڙ تڪڙ ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ ٽرائل به جلدبازي ۾ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، اعليٰ عدليا طرفان ٽرائل روزاني بنيادين تي ٻڌڻي يا جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪا به هدايت ناهي ڪئي وئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جلدبازي ۾ ٽرائل اڳتي وڌائڻ سان آئيني حق متاثر ٿيندا، مک ثبوت سائفر ٽيلي گرام جي غيرموجودگي ۾ ٽرائل اڳتي نه ٿو وڌائي سگهجي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جو 23 آڪٽوبر وارو آرڊر ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.