ٽڪ ٽاڪ ۾ نئون فيچر شامل

ٽڪ ٽاڪ ڪجهه سيڪنڊن جي وڊيوز ذريعي سڄي دنيا ۾ تيزي سان مقبوليت حاصل ڪئي هئي.
حقيقت ۾ ان وڊيو شيئرنگ ايپ جي مقبوليت ٻين ڪمپنين جهڙوڪ انسٽاگرام، فيسبڪ ۽ يوٽيوب وغيرا کي به ننڍين وڊيوز جا فيچرز اپنائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
هڪ پاسي جڏهن ٻيون ڪمپنيون ننڍين وڊيوز تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيون آهن، ٻي پاسي ٽڪ ٽاڪ هاڻي ڊگھين وڊيوز کي پنهنجي پليٽ فارم جو حصو بنائڻ لاءِ تيار آهي.
جي ها ٽڪ ٽاڪ طرفان وڊيو جي وقت ۾ نمايان اضافو ڪيو پيو وڃي.
ٽڪ ٽاڪ ۾ هاڻي 15 منٽن جون ڊگھون وڊيوز پوسٽ ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
واضح رهي ته هن وقت ٽڪ ٽاڪ تي 10 منٽن جي وڊيو پوسٽ ڪري سگھجي ٿي.
ٽڪ ٽاڪ طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته 15 منٽن جي وقت جون وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ جي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا ڪمپني جو چوڻ هو ته ان نئين فيچر جي آزمائش مخصوص خطن جي محدود واهپيدارن ۾ ڪئي پئي وڃي.
پر ٽڪ ٽاڪ طرفان ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.