اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان ان ڏس ۾ اٽارني جنرل سميت تمام لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ پهرين نومبر تي فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
عدالت گذريل ٻڌڻي تي سمورين ڌرين کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو هو.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، اليڪشن ڪميشن، آءِ بي سميت ٻين نظرثاني درخواستون واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي.