اسان ٽين عالمي جنگ ڏانهن وڌي سگھون ٿا:ايلون مسڪ

دنيا جي امير ترين شخص ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) جي مالڪ ايلون مسڪ خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس سوڌو يوڪرين ۽ روس جنگ سبب انسانيت امڪاني ٽين عالمي جنگ جي ويجهو پهچي وئي آهي.
ايڪس تي لائيو آڊيو چيٽ دوران ايلون مسلڪ چيو ته ٽين عالمي جنگ کي ٽارڻ هن وقت سڀ کان اهم ترين مسئلو آهي.
هن چيو ته ٽين عالمي جنگ انسانيت لاءِ اهڙو خطرو آهي جنهن مان اسان شايد ڪڏهن به اڀري نه سگھنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ ڪهڙي پاسي وڌي رهي آهي؟ ڇا ٽين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي؟
سندس چوڻ هو ته ٽين عالمي جنگ کان بچڻ اسان جي پهرين ترجيح هجڻ گھرجي،پهرين عالمي جنگ ۾ به هڪ خطي جو تڪرار عالمي جنگ جو سبب بڻجي ويو هو، ائين هڪ ڀيرو وري ان وقت ٿي سگھي ٿو جڏهن معاملا قابو کان ٻاهر ٿي ويندا.
ايلون مسلڪ چيو ته اسان جي علم کان اڳ ئي اسان تمام وڏي عالمي تڪرار کي منهن ڏئي سگھون ٿا جنهن سبب ٿيندڙ تباهي پهرين يا ٻين عالمي جنگ کان وڌيڪ هوندي.
هن چيو ته موجودا حالتن ۾ آمريڪي طاقت روس،چين ۽ ايران تي ٻڌل اتحاد جي آزمائش کي منهن ڏئي سگھو ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي صنعتي طاقت ۾سرسي حاصل ناهي، جنگ جو بنياد اقتصادي طاقت تي هوندو آهي، خاص طور تي صنعي پيداوار تي، يعني اوهان مخالفن جي ڀيٽ ۾ ڪيترا ٽينڪ، اسلحو ۽ ڊرونز تيار ڪري سگهن ٿا.
هن آمريڪا کي روس سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو مشورو ڏيندي يوڪرين جنگ بند جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.