اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت جو الٽي ميٽم صرف افغان شهرين لاءِ نه غيرقانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين لاءِ آهي.
سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ۾ بريفنگ ڏيندي سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته اسان غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن بابت چيو هو پر ان جو غلط پيغام هلايو ويو، اسان غيرقانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
سرفراز احمد جو چوڻ هوته حڪومت جو پيغام صرف افغان شهرين لاءِ ناهي، غيرقانوني طور رهندڙ سمورن ماڻهن لاءِ آهي، ڪنهن مُلڪ ائين ناهي ٿيندو ته ڪو غيرقانوني طور اچي ويهي رهي.
نگران گهرو وزير چيو ته ڪنهن وٽ ريفيوجي ڪارڊ آهي يا ويزا آهي ته اسان جو مهمان آهي، حڪومت ايران کان آيل بلوچن کي به ڪڍي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته هي نسلي معاملو آهي، پر اِهو نسلي معاملو نه آهي، انهن سڀني غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ 31 آڪٽوبر تائين جي ڊيڊ لائين ڏني آهي.