دمشق (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي جي پاڙيسري ملڪ شام جي فوجي ٿاڪن تي هوائي حملي ۾ 8 شامي فوجي اهلڪار مارجي ويا.
شام جي سرڪاري خابرو اداري فوجي ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل ”هوائي جارحيت“ ڪندي ڊيرا شهر ويجهو ڪيترن ئي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ اولهه ۾ فوجي ٿاڪن تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 8 فوجي اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته 7 زخمي ٿيا.
اسرائيلي فوج چيو آهي ته هنن جي جنگي جهازن شامي فوج جي ٿاڪن ۽ مارٽر پوزيشنن کي نشانو بڻايو.
اسرائيلي فوج وڌيڪ چيو ته اهو شام طرفان ڪيل فائرنگ جو جواب هو.
You might also like