انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته حماس دهشتگرد تنظيم ناهي پر هڪ حريت پسند گروپ آهي جيڪو پنهنجو زمين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي.
پارليامينٽ ۾ پنهنجي پارٽي جي چونڊيل ميمبرن کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته اسرائيل ترڪيه جي سٺن ارادن جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري هاڻي اسرائيل جو دورو نه ڪنداسين.
هن اسرائيل ۽ حماس وچ فوري جنگ بند جو مطالبو ڪيو ۽ عالمي طاقتن تي زور ڏنو ته هو غزا تي بمباري روڪڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهن.
پنهنجي تقريب ۾ اردگان چيو ته رفاح سرحدي گيٽ کي انساني امداد لاءِ کليل رکڻ گھرجي ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ گھرجي.
هن اسرائيل ۽ حماس وچ جنگ روڪڻ ۾ گڏيل قومن جي ”نااهلي“ تي به مايوسي جو اظهار ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ ترڪ صدر عالمي اسرائيل فسلطين امن ڪانفرنس ڪرائڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته فلسطيني عوام کي ٻه رياستي حل لاءِ متحد ٿيڻ گھرجي، عرب رياستن کي ان لاءِ اخلاقي ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ گھرجي.
رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته غير علائقائي ملڪن کي اسرائيل جي حمايت ۾ باهه تي تيل هارڻ بند ڪرڻ گھرجي، جٽادار امن ۽ جنگ بندي لاءِ مسلمان ملڪن کي گڏجي قدم کڻڻ گھرجن، ترڪيه فلسطيني ڌرين لاءِ ضامن بڻجڻ لاءِ تيار آهي.