پرڏيهي مبصرن کي ڪهڙا شرط پورا ڪرڻا پوندا؟ اليڪشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران جائزي لاءِ پرڏيهي مبصرن کي دعوت نامو جاري ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي چونڊن جي شفافيت لاءِ مُلڪي ۽ پرڏيهي مصبرن لاءِ اوپن ڊور پاليسي آهي پر پرڏيهي مبصرن کي اليڪشن ڪميشن ۾ ايڪريڊيشن ڪرائڻ لازمي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، پرڏيهي مبصر جلد ويزائون حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت جي ” پاڪستان آن لائين پورٽل “ تي دستاويز جمع ڪرائين جڏهن ته ايڪرڊيشن فارم اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.

اليڪشن ڪميشن پرڏيهي مبصرن لاءِ سيڪيورٽي ڪليئرنس لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته سياسي وابستگي رکڻ وارن کي ايڪريڊيشن جاري نه ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي مبصر چونڊ بي قاعدگين جي رپورٽ جمع ڪرائندا، رپورٽ ۾ چونڊ عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏئي سگهن ٿا.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ سال جنوري جي ٽئين هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن طرفان اڃا تائين چونڊن جي قطعي تاريخ سامهون نه آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.