اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪا به ليول پليئنگ ناهي، سڀ ڪجهه ڊيل تحت ٿي رهيو آهي. مشتاق احمد چيو آهي ته مون بار بار مطالبو ڪيو آهي ۽ خط لکي انهن ڳالهين تي بحث لاءِ سينيٽ جو اجلاس سڏايو وڃي پر جيڪڏهن سينيٽ جو اجلاس نه گهرايو پيو وڃي ته پوءِ ڪا به ليول پليئنگ ناهي. هن ٽوئيٽر تي فلسطين جو جهنڊو لڳائڻ تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي ساراهيو ۽ چيو ته غزا ۾ اسرائيل جي ظلمن خلاف سڀ گڏ آهيون.