سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، هزارين شاگردن جا نتيجا روڪيل

ڄامشورو(رپورٽ راجا انور چانڊيو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪروڙين رپين جي ميگا ڪرپشن جو انڪشاف،گذريل سال 2021ع  جي بينچ ۾ داخلا حاصل ڪندڙ هزارين شاگردن جون رزلٽون روڪي ٻيهر چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم تحت غريب شاگرد پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ روزاني "عوامي آواز” طرفان ورتل ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن واري شعبي ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي جتي هزارين شاگردن توڙي شاگردياڻين کان ڪاليج سائيڊ جي اسٽاف ۽ ڪنٽرولر آفيس جي اسٽاف معرفت روڪ پئسا وٺي سال 2021ع جي سالياني امتحانن جي لاءِ غير قانوني طور امتحاني سلپون جاري ڪيون ويون.هزارين شاگردن کان ورتل ڪروڙين رپين جو رڪارڊ حبيب بينڪ سنڌ ورسٽي برانچ ۾ نه هجڻ تي امتحاني شعبي طرفان امتحان ڏيندڙ هزارن شاگردن ۽ شاگردياڻين جون رزلٽون روڪي انھن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ھڪ دفعو  ٻيھر امتحاني چالان پيارڻ جي چيو ويو جن مان 12 سئو شاگردن هڪ دفعو ٻيهر چالان فيس جمع ڪرائي ڇڏي آهي ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي جي ڪاليج سائيڊ ڪنٽرولر طرفان رهيل سمورن شاگردن کي 6 نومبر 2023 ع تائين نئون چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واقعي ڪرپشن ٿي آهي: ڪنٽرولر جي تصديق

ڄامشورو: ان سلسلي ۾ عوامي آواز  پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي ۾ مقرر ڪاليج سائيڊ ڪنٽرولر شاهد علي لاڙڪ تصديق  ڪندي ٻڌايو ته واقعي ڪرپشن ٿي آهي ۽ بينڪ جي رڪارڊ موجب ٽوٽل  18 سئو شاگردن ۽ شاگردياڻين جي داخلا فيس جمع نه آهي جنهن ڪري انهن کي اسان فيس جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن جي آخري تاريخ 6 نومبر آهي هن ٻڌايو ته 12 سئو شاگردن نوان چالان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن باقي 6 سئو شاگرد رهيل آهن هن ٻڌايو اسان شاگردن جو سال ضايع ڪرڻ نه ٿا چاهيون چالان جمع ڪرائڻ بعد ۾ کين رزلٽ جاري ڪئي ويندي هن چيو ته آئون تازو مقرر ٿيو آهيان اڳ جي ڪمن جي ڄاڻ ناهي پر بينڪ ۾ رڪارڊ نه هجڻ ڪري اٿارٽي جي حڪم تحت شاگردن کي ٻيهر چالان جمع ڪرائڻ جو نوٽيس جاري ڪيو جنهن سان شاگردن جو بهتر ٿيندو هن چيو ايڇ بي ايل جي اٿارٽي کي آگاھ ڪيو جنهن بعد ريجنل هيڊ سنڌ يونيورسٽي پهچي بينڪ جو جائزو ورتو ۽ ملازمن کان ڄاڻ پڻ ورتي جيڪا جاچ هلي پئي هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي وي سي جي صدارت ۾ واقعي باڀت ميٽنگ ٿي جنهن ۾ رجسٽرار۔ ڊائريڪٽر فنانس۔ڊائريڪٽر آء ٽي ۽ مون سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اسان جي يونيورسٽي جي ڪنهن به ملازم خلاف ڪابه اهڙي شڪايت سامهون نه آئي هي سڀ بينڪ ۽ ڪنڊيڪٽ برانچ عملي جي لا پرواهي جو نتيجو آهي

بئنڪ مئنيجر ھزارين چالانن جي رقم اڪائونٽ ۾ نه اچڻ جي تصديق ڪئي

ڄامشورو:   گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊومحمدخان، ٽندو ڄام، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو جان محمد، لطيف آباد، ميرپورخاص، ٺٽو، ڌاٻيجي، سٽي ڪاليج  يونيورسٽي، ابن رشد گرلس ڪاليج حيدرآباد  سوڌو ڪيترن ئي ڪاليجن جي شاگردن کان روڪ پئسا وٺي  ڪوڙن چالانن جي ذريعي ھڪ سازش تحت ڦاسائي انھن کي سخت پريشانين ۾ وڌو ويو آهي. ھن رڪارڊ ڪرپشن ۾ ملوث ملازمن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. جڏھن ته ڪوڙن چالانن جي پڪڙڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آھي ته سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس اھڙي معلومات ملڻ تي ڪجهھ مهينا اڳ ۾ امتحاني چالانن جي فراڊ بابت حبيب بينڪ جي عملي ۽ امتحاني شعبي جي ڪنٽرولر کان ڄاڻ ورتي جنھن ۾ بئنڪ جي مئنيجر ھزارين چالانن جي ڪروڙين رپين جي رقم سنڌ يونيورسٽي جي اڪائونٽ ۾ نه اچڻ جي تصديق ڪئي ھئي. جنھن بعد وي سي جي مبينا مداخلت سبب ملوث ملازمن کي بچائڻ جي لاءِ ان معاملي کي دٻايو ويو ۽ ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي.

امتحاني سلپن کان اڳ ئي شاگردن کان پئسا ورتا ويا هئا: والدين

ڄامشورو: نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ڪجهھ والدين  ٻڌايو ته گذريل سال امتحاني سلپون جاري ڪرڻ کان اڳ ئي  شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پئسا ورتا ويا ھئا جنھن بعد امتحاني سلپون جاري ڪيون ويون ھيون. جيڪڏھن امتحاني في جمع نه ھئي ته پوءِ ڪھڙي قانون تحت ڪوڙن چالانن جي تصديق کانسواءِ ۽ انٽر جي ڪوڙين مارڪ شيٽن جي تصديق ٿيڻ باوجود امتحاني سلپون جاري ڪيون ويون ۽ هاڻ وري ٻيهر چالان جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي جنهن بعد رزلٽ جاري ڪئي ويندي جيڪو ظلم آهي

مستقبل بچائڻ لاءِ ڳڻتي ۾ ورتل شاگرد يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جا ڌڪا کائڻ لڳا

ڄامشورو: پنھنجي مستقبل بچائڻ خاطر روزانو هزارين متاثر شاگرد ۽ شاگردياڻيون مھانگائي جي ھن ڏکئي دؤر ۾ يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ڏانهن ڌڪا کائي رهيا آھن. ھنن مجبور شاگردن ۽ شاگردياڻين کان وري ٻيھر امتحاني في ورتي پئي وڃي ۽ ذھني ٽارچر ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي.غور طلب ۽ قانوني طريقو ته اھو آھي ته شاگردن کي امتحاني سلپون سنڌ يونيورسٽي جي امتحانن واري شعبي ۽ آءِ ٽي جي شعبي جي سخت چيڪنگ کانپوءِ جاري ڪيون وينديون آھن ته پوءِ ھاڻي ڪاغذن جي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ھزارين شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڇو پيو پريشان ۽ تنگ ڪيو پيو وڃي

اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميشن جوڙي  وڃي:متاثر شاگرد

ڄامشورو: متاثر شاگردن ۽ شاگردياڻين نگران وزيراعظم حڪومت پاڪستان، نگران وزير اعلي سنڌ، سيڪيٽري يونيورسٽيز  اينڊ بورڊس، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، محتسب اعليٰ سنڌ کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته هن مهانگائي جي دور ۾ٿيل ڪرپشن جي معاملي جي فوري طور اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميشن جوڙي منصفاڻي انڪوائري ڪرائي ملوث ڪنٽرولر سوڌو امتحاني شعبي جي ملوث ملازمن، مختلف ڪاليجن جي ڪرپٽ مافيا، يونيورسٽي جي ملوث ڪلارڪن ۽ ملوث پرنسپال خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ غريب ۽ متاثر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان انصاف ڪندي انھن جو تعليمي مستقبل بچايو وجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.