ايس پي ايس سي جا نتيجا تڪراري، اميدوارن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسر جي پوسٽ جي لاءِ ورتل امتحان کانپوءِ جاري ڪيل نتيجا تڪراري بڻجي  ويا آهن، امتحان ۾ حصو وٺندڙ توڙي ٻيا ماڻهو سوشل ميڊيا تي نتيجن کي رد ڪندي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ سميت پبلڪ سروس ڪميشن ۾ شفافيت آڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جڏهن  امتحان ۾ حصو وٺندڙ ڪيترن ئي اميدوارن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

نوجوانن پاران امتحان ۾ اقرباپروري ۽ رشوت خوري جا الزام پڻ لڳايا ويا آهن. اميدوارن ڪميشن جي نتيجي کي عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ميونسپل آفيسر جي پوسٽ ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي. ڪميشن ميونسپل آفيسر جي عهدي جي ڀرتين لاءِ 419 اميدوارن کي اهل قرار ڏنو هو.

سوشل ميڊيا تي ڪميشن خلاف ٽرينڊ به هلي رهيو آهي. جنهن ۾ پاس قرار ڏنل اڪثر اميدوارن جو تعلق بااثر ماڻهن ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻن وزيرن، صلاحڪارن ۽ عهديدارن  سان جوڙيو پيو وڃي.

فيل ڪيل اميدوار اهو الزام هڻي رهيا آهن ته بااثر ماڻهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي حڪمران جماعت جا چونڊيل نمائندا به شامل آهن، ميرٽ جي لتاڙ ڪري بااثر ماڻهن جي مٽن مائٽن کي پاس قرار ڏنو ويو آهي.

  پاس اميدوارن جا فوٽو مختلف بااثر ماڻهن سان سوشل ميڊيا تي وائرل آهن جڏهن ته ڪجهه فوٽو ڪميشن جي ميمبرن سان به نڪتل آهن.

واضح رهي ته ان کان اڳ به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مٿان نتيجن ۾ ڦير ڦار اميدوارن کي پاس ڪرڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي اميدوارن پبلڪ سروس ڪميشن خلاف عدالت جو در به کڙڪايو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.