اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ رياض جي صرف بحريا ٽائون ۾ سيڙپڪاري نه آهي پر ان جي اوٽ ۾ ڪيترين ئي ننڍين ننڍين هائوسنگ سوسائٽين ۾ به ملڪ رياض جي سيڙپڪاري ٿيل آهي. رياستي ادارن ملڪ رياض ۽ لاهور جي بدنام قبضا گير عامر باڪسر خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
اسلام آباد ۽ ڀرپاسي اٽڪل 6 هائوسنگ سوسائٽين جون چار ديوارون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. ڇاڪاڻ ته ميڊيا ۾ ملڪ رياض جي وڏي سيڙپڪاري ٿيل آهي. ان ڪري ان بابت خبرون مکيه ميڊيا لڪائي رهي آهي.
نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته قبضا مافيا خلاف ڪارروايون تيز ٿيڻ سبب ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار گهٽجي ويو آهي. ان ڪري لوهه ۽ سيمينٽ تمام گهڻو سستو ٿي ويو آهي. لاهور جي قبضا گير عامر باڪسر بابت تڪراري خبرون آهن ته هو گرفتار آهي، ٻي خبر آهي ته پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي. پر ڪنهن به خبر جي تصديق نه ٿي رهي آهي. جڏهن ته ملڪ رياض به پرڏيهه ترسي پيو آهي.
ملڪ رياض شهيدن جي وارثن لاءِ رهائشي سوسائٽي ۽ روڪ رقم جو اعلان ڪيو هو پر شهيدن جي وارثن کي نه رهائش ملي آهي ۽ نه رقم ملي آهي. نتيجي طور هو دربدر آهن. جڏهن ته ملڪ رياض گرفتاري جي خوف کان وطن اچڻ لاءِ تيار نه آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 21 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي