علي امين گنڊاپور به انٽرويو لاءِ تيار!

لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻو وفاقي وزير ۽ عمران خان جو ويجهو ساٿي به انٽرويو ڏيڻ ۽ مئجسٽريٽ آڏو 164 تحت بيان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر  پنهنجي وي لاگ ۾ نالو کڻڻ بنا اشارن اشارن ۾ ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزير جا وار وڏا هئا هاڻي روپوش آهي ۽ وار به ڪٽائي ننڍا ڪرائي چڪو آهي. جڏهن عمران خان اسلام آباد مارچ ڪري رهيو هو ته ان جي آڊيو ليڪ ٿي هئي جنهن  ۾ هو هٿيارن ۽ پئسن جي ڪنهن شخص سان ڳالهه ڪري رهيو هو.

صحافي جا اشارا علي امين گنڊاپور طرف آهن عمران خان لاءِ شيخ رشيد کان وڌيڪ گنڊاپور  جو انٽرويو خطرناڪ هوندو، گنڊاپور شايد انٽرويو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. جڏهن ته خاور مانيڪا به انٽرويو رڪارڊ رڪائي چڪو آهي. يا تيار آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 21 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.