انٽرويو دوران شيخ رشيد کي چماٽ هنئي وئي؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پاڻ منيب فاروق کي فون ڪري انٽرويو ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ منيب فاروق  پنهنجي ٽيم سان لاهور کان اسلام آباد شيخ رشيد جي گهر پهتو جتي شيخ رشيد جو ڀائٽيو شيخ راشد به موجود هو.

نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد تي تشدد يا کيس ٿڦڙ هڻڻ ۽ سما آفيس گهلي اچڻ واريون ڳالهيون درست نه آهن.

شيخ رشيد ڪافي ڏينهن کان گم هو. مٿس دٻاءُ  ٿي سگهي ٿو پر کيس ڪالر کان پڪڙي سما آفيس آڻڻ يا سندس وگ درست نه هجڻ واري ڳالهه صحيح نه آهي. منيب فاروق به شيخ رشيد  تي تشدد جي ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي.

نامياري صحافي اسد علي طور کي ڪٿان غلط ڄاڻ ملي آهي جنهن بنياد تي  هن وي لاگ ڪيو آهي. منيب فاروق وڌيڪ تفصيل پنهنجي وي لاگ ذريعي پڌرا ڪرڻ جو چيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 21 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.