پي ٽي آءِ عاصم منير کي نه ڇيڙي ها: شيخ رشيد منظر عام تي اچي ويو

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻو وفاقي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد منظر عام تي اچي ويو، هن  چيو آهي ته مان40 ڏينهن  جي  چلي تي ويل هئس،تبليغي جماعت وٽ ويل هئس،قرآن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو،چلو سخت هو، ان جا اثر منهنجي صحت تي پيا آهن.

هڪ نجي ٽي وي سان انٽرويو ۾ هن چيو ته  گرفتاري بابت خبرون ته لڳنديون رهنديون آهن،توهان سمجهيو ته خاموشي وارو چلو هو، پنهنجي ڀائٽين کي ٻڌايو آهي ته مان چلي مان فارغ ٿي ويس، ان چلي ۾ مون کي ڪنهن نقصان نه پهچايو.

اينڪر جي سوال تي هن چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان منهنجي چلي واري ڳالهه تي اعتبار نه ڪندا پر هاڻي منهنجي خاطر اعتبار ڪري ڇڏيو، مان پهرين ڏينهن کان فوج سان گڏ آهيان.

هن چيو ته جنرل اختر عبدالرحمان جي ڪري مان ڪائونسلر بڻيس، اصلي ۽ نسلي آهيان، اڄ به فوج سان گڏ آهيان، پاڪ فوج دنيا جي عظيم فوج آهي، مان عمران خان کي به چيو هو ته فوج سان ناهي ڦٽائڻو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان پاران فوج سان ڳالهين لاءِ جيڪي ٽي اڳواڻ نامزد ڪيا ويا هئا اهي ٽئي پنهنجيون الڳ پارٽيون بڻائي چڪا آهن، مون 9 مئي واقعن جي ٻئي ڏينهن مذمت ڪئي،ڪنهن فوجي آفيسر جو نالو نه وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته جڏهن سياستدان جو اداري سان جهيڙو ٿيندو آهي ته ان ۾ ادارو ئي فاتح ٿيندو آهي،اسان جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه جو جواز نه هو، هن چيو ته جنرل عاصم منير کي ڇيڙڻ اسان جي غلطي هئي

شيخ رشيد  چيو ته 9 مئي جي هر جمعي جي خطبي ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي، عمران خان ضدي سياستدان آهي، هن چيو ته مان پنهنجي چلي ۾ هڪ ئي ڳالهه جو عهد ڪيو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي آزاد ڪرائيندس، مان عاصم منير سان ملاقات ڪري عام معافي جو مطالبو ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.