ميرپورخاص( بيورو رپورٽ) ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته آهي ته سنڌ ڪو بين الاقوامي يتيم خانو ناهي اسان انساني همدردي جي بنياد تي 1983 کان افغانين کي رهائي رهيا هئاسين جن جو مدو 30 جون 2020 جولاءِتي پورو ٿي ويو آھي ، انهن افغاني پناهگيرن ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرائي سنڌ جي ڪاروبار ۽ نوڪرين تي قبضو ڪري ملڪيتون خريد ڪري مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جو سوچي ورتو آھي جيڪا اسانکي اقليت ۾ آڻڻ جي سازش آھي ويترظلم جي انتها اها آھي ته هاڻي هو اسان جا صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر به ٺھي ويا آھن جڏهن ته ڪنهن به ٻئي صوبي مان اسانجو ڪوبه سنڌي ميمبر نه آھي ۽ نه ٿي سگهي ٿو.
اهڙو اظهار هن پارٽي جي ڊويزنل صدر منظور ميمڻ جي گهر پهچي سندس عيادت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
هن چيو ته غير قانوني ترسيل افغاني سنڌ ۾ منشيات، هٿيارن جي اسمگلنگ، دهشت گردي ۾ شامل آهن خود سپريم ڪورٽ به کين دهشتگردي جو سبب ڄاڻايو آھي چيف آف آرمي اسٽاف به هنن جي واپسي جو چيو آھي، پر افسوس جو سنڌ حڪومت هنن جي واپسي لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو رڳو وفاق کان سندن واپسي جو سکڻو مطالبو ڪري منافقانه رويئي جو اظھار ڪيو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته هو ترت هنن افغانين کي سنڌ سميت پوري ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪن.
هن چيو ته ڌارين جي نيڪالي تائين اسان جي جدوجھد مرحلي وار جاري رهندي ۽ آخري مرحلي ۾ اسين لکين سنڌ واسين سان گڏ ڪراچي پهچي ڌارين جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت جو گهيراءُ ڪنداسين ان موقعي تي روشن ٻرڙو، آمير آزاد پنهور، امير علي ٿيٻو، مختيار ميمڻ سميع چانڊيو، حافظ بخشل سينهڙو، محسن ملاح، محمد خان مري، لالا اظھر، فاضل سمون ،عبيد بنگلاڻي، باغي امير ۽ ٻيا به موجود هئا.